ٺلهه هيرو خان

ٺلهه هيرو خان

ٺلهه هيرو خان

ٺلهه هَيرو خان: ديهه، تپي هيرو خان ۽ تعلقي جوهي ضلعي دادو جو هي ٺلهه هيرو خان شهر جي پاسي ۾ پٽ گل محمد ۽ شادڻ ويندڙ رستي جي ٻئي پاسي چند فرلانگن جي مفاصلي تي آهي. ٺلهه جي پيڙهه سادن پٿرن سان اوساريل آهي، جنهن جي اوچائي زمين جي سطح کان ٻن ميٽرن جيتري آهي. ان جي مٿان ٺلهه ڪچين سرن جو ٺهيل آهي، جنهن جي اوچائي ست ميٽرن ۽ 25 سينٽي ميٽرن جيتري آهي. هن ٺلهه جي پٽ رٿا گونيا جي شڪل جيتري آهي. (جيئن ٺلهه ديهه لڳ بهليل شاهه جي) اولهه پاسي ۾ ڏکڻ کان مٿي ويندڙ چاڙهي آهي، جيڪا ٺلهه جي چوٽيءَ تائين رسي ٿي. چاڙهي سميت اولهه واري پاسي جي ماپ 44 فوٽ آهي ۽ اتر پاسي واري ڊيگهه 27 فوٽ اٿس، جڏهين ته اوڀر طرف ٺلهه جي ويڪر سوا اوڻيهه فوٽ آهي. انهي حساب سان ٺلهه جي چاڙهي جي ڊيگهه اٽڪل 25 فوٽ ٿئي ٿي.
هن ٺلهه ۾ هڪ انوکو ارکڻ به آهي. ٺلهه جي اوڀر واري ڇيڙي ويجهو زمين جي سطح تي هڪ آرپار باترتيب جارو آهي، جنهن مان ماڻهو جهڪي گذري سگهي ٿو.


لفظ ٺلهه هيرو خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو